عبدالقادر وارثي

عبدالقادر وارثي: مشهور تعليمدان ۽ مصور عبدالقادر وارثيءَ جو پورو نالو محمد عبدالقادر وارثي ولد يار محمد هو. سندس جنم سکر شهر ۾ ٿيو. هن ابتدائي کان سيڪنڊري تائين تعليم سکر شهر ۾ حاصل ڪئي. 1930ع ڌاري بمبئيءَ جي سر جَي جَي فائين آرٽس ڪاليج مان ماسٽرس آف آرٽس جي ڊگري حاصل ڪئي. سر شاهنواز ڀُٽي سان دوستاڻا تعلقات هئس. جنهن جي اسرار تي 1935ع ڌاري لوڪل بورڊ جي مدرسي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ ڊرائنگ جي مضمون ۾ خصوصي اضافي پگهار سان استاد مقرر ٿيو. عبدالقادر وارثي سٺو شاعر پڻ هو. مدرسي اسڪول پڙهائڻ دوران ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيائين. جن اڳتي هلي نالو ڪمايو. سندس شاگردن ۾ ڊاڪٽر اياز قادري، الطاف حسين قادري، علي گوهر کهڙو، قيصر خان جتوئي، امداد حسين ڪيهر وغيره قابل ذڪر آهن. هن 1956ع ۾ رٽائر ڪيو. رٽائر ٿيڻ بعد اسلامي تعليم جي پرچار ۽ نشر و اشاعت ۾ لڳي ويو. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾: انوار توحيد ۽ شمع توحيد قابل ذڪر آهن. هن 20 فبروري 1969ع تي وفات ڪئي. سندس اولاد ۾ رشيد علي وارثي ۽ سعيد علي وارثي قابل ذڪر آهن. سعيد وارثي اين. اِي. ڊي انجنيئرنگ يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ پروفيسر ٿي رهيو آهي.


لفظ عبدالقادر وارثيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو